دوست محمد خان مير

دوست محمد خان، مير: مير دوست محمد خان، مير ولي داد خان جو پٽ هو. پاڻ شاعر نه هو، پر شاعريءَ سان ڪمال درجي جي دلچسپي رکندڙ ۽ هڪ سٺو اديب هو. ساري عمر پوليس کاتي ۾ هيڊڪانسٽيبل ٿي رهيو. پوليس کاتي ۾ هجڻ باوجود اديبانه صلاحيتن سان سينگاريل هو. سندس تصنيفات مان ’شخصي ڊائري‘ ۽ ’سرگذشت ٽالپران‘ ٻئي ڪتاب فارسي عبارت آرائيءَ جو عمدو مثال آهن. اهي قلمي ڪتاب زبون حالت ۾ مير ولي داد خان وٽ ٽنڊي علي آباد ۾ موجود آهن. هن 24 نومبر 1932ع/ 4 رجب 1268هه تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو